ڦاھِي بابت
معنيٰ
ڦاسِي، ڦاهو. سرڪڻي، ڦندو، ڦاندو. سولي، سوري. ڳاري، سرڪڻ ڦاهي.
A noose, snare, spring, a loop for a button, a button-hole.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهہ، تُنھِنجِي ڪُونجَڙيِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، ڀينَرُ ۽ ڀائِي، پَسين نَہ ڦاھِي، جا مارِيءَ سَندي مَنَ…[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي جوڙِجَنِ، ساھُ اُنِين تان صَدقي، اَندَرُ سين عُضوَنِ، لاھي تَنِ لَطِيفُ چئَي، اَنگَ پُڻ آڇِجَنِ،…[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ، پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ، گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]