ڏَڍُ بابت
معنيٰ
آسرو، آڌار، تَڪيو، دِلاسو، دِلجاءِ، ڀَروَسو، ڀَرجَهلو، سَھارو، جَهلو، ٽيڪَ، ٿنڀو، ٿوڻي، پُستي، ڀَرَ، تُلَ، تارِي، دَم، مَدد، اميد، توڪل، سَھائِتا، ھمراھي، حِمايتَ، پُٺِ، پُٺِڀَرائي، واهَرَ.
Hope, sympathy, empathy, help, assitance, taking care, caring
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن وِڙَ وَڍِيائِين وَڍَ سين، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان، ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان، ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،…[ سُر ديسي - وايون ]