ڇِرڪَ بابت
معنيٰ
اوچتا ٽاھ، اچانڪ ڀنڀلجڻ. اوچتو بي ڌيانيءَ ۾ وجود ۾ ڦٿڪو ٿيڻ.
Starts.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ، ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ، ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]