چيتُ بابت
معنيٰ
ڌيان، خيال. ھوشياري. ڳڻتي، چِنتا. خُودي. پنھنجي هستيءَ جو سَماءُ.
Awareness, consciousness, sensibility
بيتن ۽ وائين ۾
- پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙيئِي مِٺائِي، ڪانِهي ڪَڙائِي، چَکين جَي چيتُ ڪَري.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ، ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ، سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ، سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]