چاءُ بابت
معنيٰ
چاھُ. پيارُ. عشق. نينھن، محبت.
Desire, affection.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ، اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا، لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ، ڇَپَرِ ڪوسو واءُ، ھَريا تو نيڻَ ٿِئا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، ڪانڌُ ڪُوڙِيءَ جو وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ، ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ، پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]