پِرِيتِ بابت
معنيٰ
محبت، پيار، قرب. نينھن، پريم. عشق. دوستي، ياراڻي. ٻَڌي، اتفاق.
Love, friendship, affection.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساھَڙُ سَڏَ ڪَري، پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان، نَہ گهِڙان موٽِي وَڃان، تان ڪِي ساھَ سَري، مَرُ جان پَتِ پَري، گِهڙان…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- داسا داڪا دارِي، ھَندارِي ھئا مِ، ھَرِداسا ھِنَ حالَ جا، ھِتي ھوتَ ڏِٺامِ، پِذيرِي ايذِحامِ، پائِي پيچُ پِرِيتِ جو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- گهُنڊَڙِي نَہ لاھِيو، پاتِيَوَ جا پِرِيتِ سين، ڪو ڏِينھُن تَڳاَيو، رُسَڻَ سَندِيءَ رِيتِ سين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- آءُ عَجِيبَ اَڳي، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي، چؤُ ڪا باتِ بَيانُ ڪَري، تان مُون تَنُ تَڳي، تُنھِنجِي لالَڻَ لَطِيفُ چئَي،…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- رُٺا ڪِھَڙِيءَ رِيتِ، پَرچَندا پَرِ ڪَنهِين، مَنَ ۾ ڪَري پِرِيتِ، ھَلُ تَہ سَڄَڻَ ڪوٺِيُون.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ، ھَلِئو وَڃين حَجَ تي، راوَلَ اِي نَہ رِيتِ، پَڪِي کَڻُ پِرِيتِ، تَہ ڪُلَ ۾ ڪَعبو…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]