پُنا بابت
معنيٰ
پورا ٿيا، پھتا، پڇاڙي ٿيا.
Ended, finished, completed.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَ ٿِئا، قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران، پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ، ھاڻي ٿِئو حَشَرُ، پُنا قولَ قِيامَ جا.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڀَلو ڀَلو مَڇَ، جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]