پُراڻِي بابت
معنيٰ
قديم، ڪھني، جهوني، آڳاٽي. گهڻن ڏينھن جي. ڪم آندل، واپرايل. ردي، زبون. پوڙهي، اڳئين نموني جو، دقيانوسي.
Old, ancient spoken of in animate things only.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ نَہ وِتَرو، تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- لَڪِ چَڙِھِيو رڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا، ھِيئَڙو ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڇِڄِئو ڇَپر پوءِ، ڪو ڳَنڍيندَڙُ ھوءِ، تَہ پَرِتِ پُراڻِي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ھيٺِنِ مَٿِنِ ھيڪِڙِي، پُراڻِي پَرَھِين، توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ، سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيٺِنِ مَٿنِ ھيڪِڙِي، پاسَنِ پُراڻِي، رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي، رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]