ٻِيڙو بابت
معنيٰ
ٻانھن ۾ ٻڌڻ جو رنگين سڳڙو يا ڏورو جنھن ۾ ڳنڍ ٻڌل هوندي آهي، ۽ مڱڻي جي رات ٻڌبو آهي، ڳانو.
A silky thread. Auspicious thread on wrist of the Sindhi bride during the thread ceremony.

بيتن ۽ وائين ۾
- مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾، جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ھَٿين پيرين آرَکين، مُنھِن نَہ مُھاڻِي، اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ٻِيڙو پُوئِي بانھَن ۾، ٻِي نَہ ٻَڌي ڪا، توڏَرُ تَنھِن جُڳاءِ، سَمُو سِڪي جَنھِن کي.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]