ويساندِ بابت
معنيٰ
آرام، قرار، فرحت، صبر سان، سانت، ماٺ ۾.
In peace, pleasure. Silent.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا، پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ، کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين، جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين، مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، ويٺِي نَہ ويساندِ، ويئِي لَھِرِيين پاندِ، مُيائِي ميھارَ ڏي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون، جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ، اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]