واڄو بابت
معنيٰ
وڄائڻ جو ساز. دهلن، نغارن وغيره جو آواز، دَسُ. واڄٽ. گوڙ، آواز. گاج. ساز جو هڪ قسم، باجو، نغارو.
A musical instrument. Playing a drum, a round on a drum.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن ڪِئو واڄو، پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو، سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي، ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي، ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي، ڪَڍِي تَنھِن…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو، ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]