نِسورا بابت
معنيٰ
بلڪل، صفا، محض، سراسر، نج، خالص، صفا، بِنھِ، نِپٽ، سڄائي، تمام، سربستا، سمورا. نرا، فقط، نِلا، رڳا.
Pure, unalloyed, mere, only.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ ڳاڙَ، ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾، ڦَچَ ڏِنائُون ڦاڙَ، ھَڻِي توبَهَ تاڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ، جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]