نَنگا بابت
معنيٰ
بنا ڪپڙن جا، بنا ڍَڪَ، لورا، اُگهاڙا، نانگا، عُريان، کُليل، صاف صاف. خالي.
Naked, uncovered.
بيتن ۽ وائين ۾
- نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ، نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ، گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ، راوَلُ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو، نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ، راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- نَنگا آھِيُون نِکَتا، اَسِين مارُو لوڪَ، ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]