نَشا بابت
معنيٰ
خُمار، ڪيف، شراب، مدهوشيون، کيپ، مؤ، مستيون، متوالاپڻ.
Intoxications, drunkenness, intoxicating liquors or drugs.
بيتن ۽ وائين ۾
- يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا، پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا، جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- وَسَنِ ۽ وِھسَنِ، ڏِھاڙِي ڏِسَڻَ لاءِ، جِيئَن جِيئَن پِرِين پَسَنِ، تِيئَن تِيئَن نَشا نِينھَن جا.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جِيئَن جِيئَن ڏَمَرَ ڪَنِ، تِيئَن نَشا نِينھَن جا، مَحَبتَ مَحبُوبَنِ، ماڻي مان مَعلُومُ ٿِي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]