نيرانا بابت
معنيٰ
نيرن کان سواءِ، صبح جو کاڌي پيتي کان سواءِ، ناشتو نہ ڪيل، بنا کاڌي پيتي.
Fasting, not having eaten.
بيتن ۽ وائين ۾
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون بُوءِ، وِئا نيرانا نِڪِرِي، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، اَوَسَرِ آسا اُوءِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ ويڻَ، ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ، ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي، سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھُن مَحبُوبَ جو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]