ناقِصَ بابت
معنيٰ
اڻ پورا، نامڪمل، گهٽ، اڌورا، ڪسا، اوڻا، ڪسيءَ وارا، گهٽتائي وارا، زائل، نِرسا، کٽل، ڪچا. خاميءَ وارا، عيبدارَ، ڪوڙا، کوٽا، خراب، نڪما.
Faulty, disable, lesser, raw, bad, out of order.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ، ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ، اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]