مِينھَڙا بابت
معنيٰ
برسات، بارش، وس، وسڪارو، بارانِ، ميگهہ.
Rain, rainfall

بيتن ۽ وائين ۾
- نَوَ ڀاڱا نوڻِ کي، ڏَھُون ڏَنِيءَ ڏي، جَي ٿِي وَسَنِ مِينھَڙا، تَہ ڏَھَئِي ڏَنِيءَ ڏي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ مِينھَڙا، صاحِبَ ھَٿِ سُڪارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- مارُو ماڳِ نَہ ھيڪَڙي، اوڏا نَہ ڳوٺانِ، جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ، جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ڪَنھِن تَڙ ڏيھائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينھَڙا، مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويھِي ڪَرِ وائِي، آئُون اَڳَ ڍائِي، مَنَ سَنِيھو سُڻِي…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]