مُھي بابت
معنيٰ
ڦُري، لُٽَي. مُسائي. رنج ڏيئي. عذاب ڏيئي. فنا ڪري. ناس ڪري. بيھوش ڪري،. پيار ۾ مست ڪري، گرويدہ بڻائي، فريفته ڪري، مَسحور ڪري. پاڻ ڏي ڇڪي، موھت ڪري. (مُھيو، مُھيندو، مُھيلُ).
To cause to loss, injury or annoyance by stealing or removing anything.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو ڪُھي، سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ھَلِي ھاڙِھي سامُھين، پُڻ وِھاڻِيَسِ راتِ، پِريان جا پِرِڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَھِيڙا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]