مُدامُ بابت
معنيٰ
هميشه، ٻاروهي، نِتُ، سدائين، سدا، دائِمُ، دائما، روز، لڳاتار، بنا ناغي جي، مُداسي. پُراڻو، قديم، ڪُھنو، ڀُتو، آڳاٽو، اڳيون، پَراچين، پِراتن، اڳوڻو.
Eternal, perpetual, everlasting, permanently, always, continually, eternally.
بيتن ۽ وائين ۾
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ، تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ، ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ، مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]