مَلِيران بابت
معنيٰ
ملير کان، ملير کان. ملير پاران.
By or from Malir.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو، لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي، وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- عُمَرَ اوٺِي آيو، مَلِيران ماڻُهو، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، سائُون ساماڻُون، عُمَرَ اَباڻُون، کَٽو پِي خُوشِ ٿِيان.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اُوَيرَ ڪونَہ آيو، ماڻُهو مَلِيران جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، اُٿِئو اُڪِيران، جُسو زَنجِيران، ڦارَڪُ ٿِئو فَقِيرِ جو.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ، عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ، ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پائُران پيھِي آيا، مَلِيران مارُو، وَرِئا واهَرُو، هاڻُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- پائُران پيھِي آيا، مارُو مَلِيرانِ، ڇُٽا سُون سُوران، هائُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]