غِيبَتَ بابت
معنيٰ
نندا، لائي چائي، پچار، گهٽتائي، گلا، عيب جوئي.
Speaking ill of someone behind his/her back, evil speech respecting a person behind his back (generally, with truth, and thus opposed to buhtan), backbiting, detraction, slander, libel
بيتن ۽ وائين ۾
- جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو، گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سَڀَيئِي سَھَنداسُون، وَٺِئو وينداسُون، مُنھُن پَنھِنجو پاڻَ سين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ مَ ڪاپَڙِي، گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سي تان سَھِيو سَھُ، پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاجِ ھَلَڻَ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ، گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]