طَرَحَ بابت
معنيٰ
نثل، وانگي، طور، ڍنگ، نمونو، طرز، ريت، ڊؤل، انداز. طبع.
Like, as, example as.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا، سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ، سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ، لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ، تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ، جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ، تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ، تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ پَسُون راڻِيُون، تاڻي وَڃِجِ تِتَهِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ، اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]