صَدائُون بابت
معنيٰ
درويش يا فقير جي گهرڻ جا آواز، سوال، سَئِنُون. گونجون. پڙاڏا، پڙلاءَ. آواز، نِدائون. قول، گفتا.
The cries of a fakir asking for alms, begging.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِتِ، جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ، صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبُوحِ، ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون، صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]