صاحِبِي بابت
معنيٰ
حڪومت، سلطنت، بادشاهي. اميري دَور.
Sovereignty, rule, government, reign.
بيتن ۽ وائين ۾
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون، پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَھَڻَ تارِين تُون، جَي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، وَڏِي سَگَهہ سَندِياءِ، پاڻَ وَھِيڻو آهِيين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]