شِينھَن بابت
معنيٰ
شيرَ، هڪ مشھور جهنگلي جانور جو نالو، جانورن جو بادشاھ، بَبَرَ، ڪيھَر.
Lion, king of wild animals.

بيتن ۽ وائين ۾
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ، ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ، لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، جِتِ سيڙِھِيُون شِينھَن سُڄَنِ، اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، ڪي ھيڪَلِيُون ھَلَنِ، سِڪَ رَساڻي تَنِ، مَرَڻُ جَنِ موجُودُ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن، اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي،…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]