شيرُ بابت
معنيٰ
جهنگ جو بادشاھ جانور، شِينھُن، اسد. صفت. سورهيہ، سورمو. پھلوان، طاقت وارو.
The lion.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُوفِيُنِ قَھَرُ ڪِئو، ٿِئا جَماعِتِي يَزِيدَ جا، پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو، سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري، عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران، چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران، اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- آيو عَلِي شيرُ، مَرڪِئو مَدِيني ڌَڻِي، سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ، شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]