سُونھاءِ بابت
معنيٰ
اڳواڻي ڪر، رھبري ڪر، رھنمائي ڪر، پيشوا ٿي، معلم ٿي، جھانگُذاري ڪر. سُونھپ سيکار، واقفيت ڪراءِ، ڄاڻ سڃاڻ ڪراءِ.
Guide us, teach, show us
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ، فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ، توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- گُرَ جَا ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون گهَڻو سُونھاءِ، نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَيِتُ موٽِي آيو، ڪَھِي ڪانڌِيَنِ لاءِ، سو ڪانڌِيين سُونھاءِ، جوڳِي جو جَنَبَ جو.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِي کِنواءِ، سا وِڄُ پَسِئو وَندُران، مُون رُوندي راتِ وِهاءِ، سِيليتِنِ سُونھاءِ، مارُو جَو…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]