سَنُهو بابت
معنيٰ
باريڪ، مَھِينُ، سنهڙو. لاغر، ضعيف، ڏٻرو، ڪمزور، ڪم قوت. سٺو، سهڻو، عُمدو. نفيس، نازڪ.
Thin, weak, very slight, fragile
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿُلُهو سَنُهو اَگِهئو، ڪِي جَي ڪِتائِين، تَہ مَرَڪِئو مَٽِئائِين، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چائُتِ رَکِي چِتَ ۾، سَنُهو ڪَتِيو جَنِ، تَنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلُ نَہ ڪِئو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جَي سَنُهو نَہ سِکِي، تَہ مَرُ رَنڍا ئِي روڙي، سُٽُ اُنِهيءَ جو سَيِّدُ چئَي، وِئا تَرازِيءَ توري، ٿُلِهي ۽ ٿوري،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]