سَزاوارَ بابت
معنيٰ
سَزا جي لائقَ، سيکت جا حَقدارَ، ڏوهارِي، آڌِيڪارِي، خَطاوارَ، گُنھِگارَ. جَوابدارَ، ذِميوارَ.
Punishables, illigals, actionables, blameworthy, criminals.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي، سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ، ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ جا، ويٺا وَڄائِينِ، جٖي سَناسِي سُڻين.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]