سَبَبَ بابت
معنيٰ
ڪارڻ، علتون، وجھون. مقصود، مطلوب. باعث، نِيَتون، ارادا. حجتون، دليل. تقريب. ذريعا، وسيلا. ضرورتون. بھانا.
Causes, reasons, motives.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا، پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ، کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- توبَهَ توبَهَ اِيءَ طَلَبَ، تُنھِنجي دَران مَڱان، مُون کي پِرِيَنِ ميڙِيين، سائِين ڪَنھِن سَبَبَ، جي مُون ھَٿان ڪارِيين، ڪَمَ موچارا…[ سُر پورب - وايون ]