دِلِاسا بابت
معنيٰ
ڏَڍَ، آسرا، دلجايون، تَسليون، تسڪين، آٿَتون، دلداريون. هِمَتون، فرحتون، آرام.
Comforts, encouragements, consolations.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ چورِئا، لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ، لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پاڻَ سين، اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ، ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلِاسا ڏِجَنِ، گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ، تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ، لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ، ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.[ سُر پورب - ڪانگ ]