دُڪو بابت
معنيٰ
وزن جو هڪ انداز تولو، ٻارنھن ماسا (10 گرام). تولي جيترو مَکَڻَ جيڪو روزانو ننڍڙي ٻار کي کارائجي.
A denomination of weight equal to that of 10 grams.
بيتن ۽ وائين ۾
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جٖي وِڪامي پَدَمَ، سَمُو دَمَ قَدَمَ ، ٿو جالَ پِياري جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جي وِڪامي نِيلَ، سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- چائُتِ رَکِي چِتَ ۾، سَنُهو ڪَتِيو جَنِ، تَنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلُ نَہ ڪِئو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]