خامُ بابت
معنيٰ
ڪچو، اڻ پڪل، اڻ رسيل، ناپختو. ردي، خراب. ناقص، عيبدار، وِڏ وارو. ناتجربيڪار، اناڙي، نادان، ڄٽ، جاهل، نالائق، اڻ لائق، ڪُڍنگو.
Raw, unripe, green, crude, inexpert, inexperienced, immature, puerile, rough, unsound, imperfect.
بيتن ۽ وائين ۾
- خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ، ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ، آئِي اُنَ جي بابَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ ۾ اِبلِيسُ، اِھَڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو، حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئين خامُ، اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]