آگم ڪيو اچن...

حٰم بابت

معنيٰ

قرآن شريف جي هڪ سورة جو نالو. گهڻين سُورُتن جو مُنڍ. (حروف مُقُطعَاتُ) حــٰم: حاميم لفظ قرآن مجيد جي هيٺين ستن سورتن جي شروع ۾ اچي ٿو: (1) ’سورة المؤمن‘، (2) ’سُورة فصلت‘، (3) ’سورة الشورى‘، (4)، ’سورة الزخرف‘، (5) ’سورة الدخان‘، (6) ’سورة الجاثيه‘ (7) ’سورة الاحقاف‘. انهن ستن ئي سورتن کي ، ’آل حٰم‘ يا ’ذوات حٰم‘ چيو وڃي ٿو. حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته هي ست ئي سورتون قرآن مجيد جو لب لباب آهن. قرآن مجيد جو ديباچو يا جمال ۽ رونق آهن.

The mysterious letters are combinations of between one and five Arabic letters figuring at the beginning of 29 out of the 114 chapters of the Quran just after the Bismillāh Islamic phrase. The letters are also known as fawātiḥ or "openers" as they form the opening verse of their respective surahs.