جوڳو بابت
معنيٰ
لائق، جڳائيندڙ، مناسب، موزون، ٺھندڙ، واجب، ٺيڪ، پورو، واجبي.
Suitable, fit, proper, sufficient.
بيتن ۽ وائين ۾
- جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين پَچارُون جوڳَ جُون، ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون، سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪَٽُ نَہ ڄاڻي ڪِي ٻئو، مَدو ۽ موڳو، جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]