جاڳَڻَ بابت
معنيٰ
سجاڳ ٿيڻ، بيدار ٿيڻ. سُجاڳ رهڻ. اوجاڳو ڪرڻ. اُٿڻ ننڊ مان. خبردار رهڻ.
To waken, become awake, lie wake, to keep watch. To light up, give light a lamp.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آھي اللهَ جَنِ کي، لاھي ٿو لَطِيفُ چئَي، مَٿان قَلبَ ڪَسُ، وَرَنَھَ ڪِجاھُ وَسُ، صُبُحَ ساڻُ سَيِّدُ…[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]