تِکي بابت
معنيٰ
تيز رفتار. سراڻ چڙهيل اوزار، جلد، شتاب، تڪڙي. هوشيار، چالاڪ. بلڪل پوري ذرو بہ گهٽ نہ. ڪڙي، تلخ. چيڙاڪ. اُچو سون وغيرہ. سُٺي، نج.
Speedy, fleet, active, quick, vivid, rapid, strong a stream, sharp, keep, pure as gold, fiery as pepper, a fire etc., passionate, s. m. A tumbler pigeon.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ، مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سُوڌا سِراڻِي، پِياري پاڻِي، تيغُون ڪَندا تِکيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ تِکيُون تَنوارُون، مُنھِنجُون مانَ ميھارَ کي، پَهچَنِ پُڪاروُن، لَھُ ساھَڙَ سَنڀارُون، لَهِرِنِ لوڏِي نَہ مَران.[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]