تاڻِيان بابت
معنيٰ
ڇِڪيان. وٽائيان. ڊيگهہ ڏيان، پکيڙيان، گھِليان. ڇڪي يا کولي مٿان وجهان، تانگهيان. آڻيان.
To pull, drag, to advance, move forward.
بيتن ۽ وائين ۾
- پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري، جو لَڳُمِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڪَتان نَہ پُوڻِي، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، ويڇِي پييَنِ وِچَ ۾، ڪاڪِيُون ڪالُهوڻِي، مُون سين ڇِنُوڻِي، جيڏِي جَتَ ڪَري وِئا.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]