بَدِيُون بابت
معنيٰ
خرابيون، بُڇڙايون، بُرايون. بدنيتون، ٻيايون. تھمتون، بھتان، الزام.
Badnesses, depravities, vices, finding faults, blamings, imputing evils.
بيتن ۽ وائين ۾
- تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا، تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي، ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ، چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾، جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو، ميڙو ٿِيندو…[ سُر سارنگ - وايون ]
- مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو، سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو، بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]