بازُ بابت
معنيٰ
شڪاري پکين بازن جي ھڪ عام جنس جو نالو.
Falcon.

بيتن ۽ وائين ۾
- آڻي جهوڪِئا جهوڪَ ۾، مِزمانَن مَھِرِي، چاٽِي چَنبَنِ ۾ وِئا، جِيئَن بازُ سٽي بَحِرِي، ڪوھِيارو قَھَرِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، رُئان مَٿي رَندَ، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ڇِنِي بازُو بَندَ ، ھاڻي پُڇان ھَنڌَ، ھاڙِھي ۾ ھوتَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- تانُ نَہ آھي تَندُ جو، رُون رُون ڪَري رازُ، ھَڻندَلَ سَندا ھَٿَڙا، سَڀَڪو چئَي سازُ، سَٽَ ڏيئِي شَھبازُ، ٿِيءُ تَہ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- وِڳَندُ وَري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ، جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مارِيندُءِ مَجازُ، گهَڻي ٿوري ڏِينھَڙين، ھَٿان ڇَڏِ مَ بازُ، ھارِي حَقِيقَتَ جو.[ سُر آسا - مجازي مام ]