بادَلَ بابت
معنيٰ
ڪَڪرَ، اَبرَ، جهُڙَ.
Cloud.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين، سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ، سَراھِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نَہ ٿِئي، گُڙي ٿو گَنباٽَ ۾، آيو ڪِي آيو، مَتان اِيئَن ڀانيو، تَہ بادَلَ وَسِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي وَسَ ٿِئي، تو پيڪا مُون ساھُرا، کِوَڻِ پَلايو رَسُ، تَنِي ڀاڳينَ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]