اُنَڙَ بابت
معنيٰ
لس ٻيلي جي ڄام سٻڙ جو ھڪ نالو، ڄام انڙ، سنڌ اندر ھڪ ذات جو نالو پڻ.
Name of Jam Sabar. A caste name of Sindh.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين، ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ، لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڪا ڪِيرَتِ سَنڀاھِ، چارَڻَ چوٽاڻِيءَ مَڻي، وائِي ڄاڻي سَڀَڪا، جيڪا ڪَرِيين سا، لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ، جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُنَڙَ ۾ آسَ گهَڻِي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ، مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]