اَڳِرو بابت
معنيٰ
جلدباز، تڪڙو. وڌيڪ، زيادہ، سرس. مقدم، مٿاھون. اَڳي، اَڳيان. بھتر، سٺو، عمدو. زيادتي ڪندڙ. پيشقدمي ڪندڙ.
Superior, excellent, above, one who interrupts or pushes forward, one who commits an excess and so is in fault in a quarrel. adv. With intemperance or excess.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ، سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ، گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ، ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو، چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، تَڏِھِين مَولا مِينھَن وَسايا.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ، ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ، وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]