اَچان بابت
معنيٰ
پھچان، وارد ٿيان، رَسَان، سَھڙَجان. حاضر ٿيان، موجود ٿييان. داخل ٿيان. حاصل ٿيان. ملان.
May I come, may i reach, may i come close.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِندُرَ جَنِ وَڻَنِ سين، ڪِيَمِ سَھِسين سُکائُون، پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، اَچان جَي آئُون، وَرَندي وَچائُون، ڏِيان شاخ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ساجَنَ سِپاھِي، آئُون اَوَھانجو آھِيان، اَچان ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڃان واجهائِي، لالَڻَ تو لائِي کيڪارِئُمِ کَرَنِ کي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- آئُون اُتاھُون آيو، جِتِ ڪَنھِن جِي ناھِ مَجالَ، مُومَلَ جي ماڙِيءَ کي، طَرَحين طَرَحين تالَ، لَکين مارايو لالَ، موٽِئو اَچان…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو ڪِيئَن مارِي، آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي، سُوڌا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]