اَندوھَ بابت
معنيٰ
رنج، غم، ڏک، ارمان، فڪر، ڳڻتي. خيال، اُڊڪا. انتظار
Sorrows, grieves, miseries, afflictions.
بيتن ۽ وائين ۾
- لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ اَندوھَ ۾، پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو، مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ، جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]