اوڀالا بابت
معنيٰ
مِھڻا، طعنا. عتاب، ڏوراپا.
Taunts, scoldings, abusings. Blames, reproaches.
بيتن ۽ وائين ۾
- اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ، ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سَتِيُنِ ڳالِهہ سُئِي، تَڏِهِين سَرَتِنِ سِنجَڻُ ڇَڏيو، ماڙيچِي ماڙِيين، ڪَڏِهِين ڪانَہ هُئِي، عُمَرَ آئُون نَہ مُئِي، اِنَ اوڀالا اَڳَھِين.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]