اوجاڳو بابت
معنيٰ
ننڊ نہ ڪرڻ جي حالت، جاڳَ، سُجاڳي.
Insomnia, sleepless. state of without sleeping.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُتِيئَن سَنجهيئِي، مُنھُن ويڙِھي مُينُ جِيئَن، اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتُئِي نَہ ڏيئِي، ھَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن، آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ، ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو، اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ، تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]