آڇاڙا بابت
معنيٰ
سمنڊ ۾ پاڻيءَ جا پُور، آڏيُون وڏيُون ڇوليون ۽ لھريون، وڏا اوسانب، وڏيون وِيرُون.
Mighty waves of ocean.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ، جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ، سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- لَهِريُنِ ليکو ناھِ ڪو، ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا، آڇاڙا عَمِيَقَ جا، اَچَنِ اوڀارا، اَٿِي اَسارا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرا.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- اَھُکِي راھَ اللهَ جِي، اَھُکِي اَھُکِيءَ ڀَتِ، ھُو جي ڏِھائِي ڏيھَ جا، تَڻِ پُڻ مُنجهي مَتِ، آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]