آلا بابت
معنيٰ
پُسيل، ڀڳِل، ڀنل، تَر.
Wet, moist.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي پاھَڻُ ڪِي پيچِرو، ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ، ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا، چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ، آلائِشان اَڳي ٿِئا، موٽِي ھُونِ نَہ مِسُ، ھِيءُ ڇَڏِيائُون ھِسُ، وَڃِي ڪالَ ڪُلُ…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- اُتَرَ ڏُونھِن آلاپَ، ڪالُهون ڪَرَ ڪُونجَ ڪَري، پِرِين پَسي ۾ خُوابَ، وِھاڻِيءَ وايُون ڪَري.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]