شاھ جي رسالي ۾ عربي مقولا ۽ فقرا
شاھ جي رسالي ۾ عربي مقولا ۽ فقرا
اَلاِنْسَانُ سِرِّيْ وَاَنَا سِرُّه
ھي عربي مقولو شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سورٺ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
ڪَنِي ڪَنِي ماڙهين، پيئِي ڪَلَ ڪَائِي،
رَسِيا جي رَمزَ کي، تَن پارسِي پائِي،
اَلاِنْسَانُ سِرِّيْ وَاَنَا سِرُّه، وَرتِي اِيءَ وائِي،
راڄا راڳائِي، ھَرِدوئِي ھيڪُ ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو ‘، سُر سورٺ، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 644)
ھي عربي مقولو ’رسَالہ غوثُ الاعظم‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”الانسان سری وانا سره.“
(گيسودراز، 2000ع، ص: 67)
ھن جو ترجمو آھي: ”انسان منھنجو (خدا جو) ڳجهہ آھي ۽ آئون ھن جو ڳجهہ آھيان.“
(شاھواڻي، 2005ع، ص: 644)
اَلْاِيْمَانُ بَيْنَ الْخَوْفِ وَالرَّجَآءِ
ھي عربي فقرو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
عَينَئُون عَارِفَنِ جِي، آھي ڳالِھ عجِيبَ،
پَاڻيهِي گھَائِينِ گهٽَ کي، پَاڻيهِي تَنَ طَبِيبَ،
وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ،
اَلْاِيْمَانُ بَيْنَ الْخَوْفِ وَالرَّجَآءِ، ھَلنِ اِتِ حَبِيبَ،
ٿِئَا قَادِرَ سين قَرِيبَ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي ، داستان تيرهون، بيت 18، ص: 135)
ھن جو ترجمو آھي: ”ايمان خوف ۽ اميد جي وچ ۾ آھي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 135)
ھن عربي فقري جو ۽ ھيٺ ڏنل حديث جو مفھوم ساڳيو آھي، ’وَاللّٰه يا رسول اللّٰه اني ارجو اللّٰه واخاف ذنوبي‘
(ترمذي، حديث 983، ص:239)
جنھن جو ترجمو آھي: ”الله جو قسم! يا رسول الله! بيشڪ آئون الله جي ذات ۾ سُٺي اميد رکان ٿو ۽ پنھنجي گناھن جي سبب الله تعاليٰ کان ڊڄان بہ ٿو.“
(نعيمي، مفتي محمد جان)
اَلصَّلَاةُ مِنَ الصِّلَاتِ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
ھُئڻُ تو حِجَابُ، لَنگھ تَھ لَهين سُپِرِين،
اَلصَّلاةُ مِنَ الصِّلَاتِ، کامِــٰي ٿِيءُ خَرابُ،
جِسمُ دوزَخُ دابُ، ڪَلُ ڪَائِنُ دَاخِلين.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر آسا، داستان پھريون، بيت 4، ص: 313)
ھن جو ترجمو آھي: ”نماز انسانن کي ملائيندي/ڳنڍيندي آھي“
(نعيمي، مفتي محمد جان)
ھن عربي قول جي پڙهڻي ٻانهي خان شيخ جي سھيڙيل شاھ جي رسالي ۾ ’اَلصَّلاةُ مِنَ الصَّلَاتِ‘ ڏنل آھي، جنھن جي معنيٰ ھن ريت آھي: ”نماز مان نماز يعني ھڪ نماز جي بعد ٻي نماز.“ (شيخ، 2012ع، ص: 313)
اَلْعِشقُ حِجَابٌ بَيْنَ الْعَاشِقِ وَالْمَعْشُوْقِ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
ڪَڍَ پُنهونءَ ڏي ڪاھي، چاٽِيءَ رُوحُ چَرِيو ڪِيو،
اُٿئـٖي ويٺي اوڏِهيٖن، سُتي پُڻ ساھٖي،
’اَلْعِشقُ حِجَابٌ بَيْنَ الْعَاشِقِ وَالْمَعْشُوْقِ‘، لاشَڪُ ٿِي لاھٖي،
آرِياڻِي آھٖي، ٻِيو سَرَتِيُون! سُڄـٖي ڪِينَ ڪين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 17، ص: 307)
ھن قول جو ترجمو آھي: ”عشق، عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ پردو آھي.“
(شاھواڻي، 2005ع، ص: 307)
ھي عربي مقولو ’رسَالہ غوثُ الاعظم‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”العشق حجاب بين العاشق والمعشوق“
(گيسودراز، 2000ع، ص: 67)
اَلْعِشْقُ نَارٌ يَحْرِقُ مَاسِوَى الْمَعْشُوْقِ
ھيءَ عربي چوڻي، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
ڄَاڻِي سُڃَاڻِي، وِهَان ڪِيئَن مَاٺِ ڪَري،
اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرَ اُڌَاڻِي،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يَحْرِقُ مَاسِوَى الْمَعْشُوْقِ، کُوري ۾ کَاڻِي،
آھي آرِيَاڻِي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَڪِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو - جلد ٻئو‘، سُر آبڙي، داستان پنجون، بيت 18، ص: 409
ھن جو ترجمو آھي: ”عشق اھا باھ آھي، جيڪا معشوق کان سواءِ ھر شيءِ کي ساڙي ٿي.“
(شيخ، 2001ع، ص: 40)
اَلْفِرَاقُ اَشَدُّ مِنَ الْمَوْتِ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
ڪَافُون ڪَاھِيندِيَاسِ، موٽَان تَھ ڪُرَ مِيهَڻون،
ٻانِھِي ٻَاروچَنِ سين، سَنڱ نَہ سَاھِيندِيَاسِ،
اَلْفِرَاقُ اَشَدُّ مِنَ الْمَوْتِ، ھِتي نَہ ھُوندِيَاسِ،
آھَه نَہ لاھِيندِيَاسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَرَان.
(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٻئو‘، سُر آبڙي، داستان پنجون، بيت 9، ص: 37)
ھن قول جو ترجمو آھي: ”وڇوڙو موت کان وڌيڪ سخت آھي.“
(شخ، 2001ع، ص: 37)
اِنَّ اَوْلِيَآئِيْ تَحْتَ قَبَآئِيْ
ھي چوڻي، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي وائيءَ ۾ ڪتب آيل آھي:
ڪِي اُنِهِين مَنجھ آھي، ھُو جي جُھونا پَسِجَنِ جُھوپِڙا،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهيا، جَنِ کي ڪونہ چِتائي،
ھُو جي جُھونا پَسِجَنِ جُھوپِڙا.
ڌارِيان ڀائِنِ ڌارِيُون، پاڻُ پِرِيان سين کائي،
ھُو جي جُھونا پَسِجَنِ جُھوپِڙا.
”اِنَّ اَوْلِيَآئِيْ تَحْتَ قَبَآئِيْ“، پنھنجا پَاڻ پَراھي،
ھُو جي جهونا پَسِجَنِ جهوپِڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان چوٿون، وائي، ص: 730)
ھن جو ترجمو آھي: ”تحقيق منھنجا اوليا يا دوست منھنجي قبا يا چوغي ھيٺ لڪل آھن.“
(شاھواڻي، 2005ع، ص: 730)
ھي عربي چوڻي جو حصو ’رسَالہ غوثُ الاعظم‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”اليائي تحت قبائي لا يعرفھم غيری.“
(گيسودراز، 2000ع، ص: 174)
ھي عربي چوڻي جو حصو ’مثنویٔ مولویٔ معنوی‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”اِنَہمْ تَحْتَ قَبَائي“
(رومي، 1976ع، ص: 351)
اِنَّا فَتَحْنَا الَذِين
ھي عربي فقرو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب ٿيل آھي:
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ،
اِنَّا فَتَحْنَا الَذِين، ٿا قُلوبَان ڪَھَنِ،
لَحمُ لَبَنُ گَڏُ ڪِئو، تَمَرُ تَاڪُلُ ڪَنِ،
سَدائين سَيــــؒـــدُ چَئي، اَنُ نَہ چَکِئو اُنِ،
عُمَرَ بَندِيَاڻنِ، لاھي لوھ نہ ڇَڏِيين.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان ايڪيھون، بيت 11، ص: 510)
ھن جو ترجمو آھي: ”تحقيق، اسان انهن (جن ڪفر ڪئو) کي فتح ڪئو.“
(شيخ، 2012ع، ص: 510)
ھن فقري جو پھريون حصو، ’اِنَّا فَتَحْنَا‘ قرآن شريف جي ڇويھين سيپاري ’حٰـمٓ‘ ۾ اٺيتالھين مدني سورت ’سُوْرَةُ الْفَتْحِ‘ جي پھرين آيت جو آھي. جنھن سان آخر ۾ ’الَذِين‘ جو لفظ ملايو ويو آھي.
بَکَتِ الْعَيْنَانِ فيْ ھَوَاكَ دَمًا
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
رِءَ اَعرابِينِ ھِتِ، گَھنگھَرُ گَھارَڻُ مُون پِئو،
بَکَتِ الْعَيْنَانِ فيْ ھَوَاكَ دَمًا، پُڄَان ساڻُ پِرتِ،
مَنُ، اَکِيُون، تَنُ تِتِ، جِتِ جَنَبُ جيڏِيين.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان ٻئو، بيت 13، ص: 387)
ھن جو ترجمو آھي: ”تنھنجي عشق ۾ (منھنجن) ٻنھي اکين رت رنو.“(شاھواڻي، 2005ع، ص: 561)
بِلاَ (شيخ مَنْ يَّمْشِي فِيْ الطَّرِيْقِ كَمَنْ يَّمْشِيْ فِيْ الْبَحْرِ، بِلاَ سَفِينَــةٍ:
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ديسيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:
سَڀَا سِيَاھِي آھي آرِيءَ ڄَام ري،
ڪڏِهِين پَسي ڪَانَہ ڪَا، رِءَ لَالَڻِ لاَلاَئِي،
دُودُ دِلِ تَانِ دُورِ ڪَري، ڪَرِ سَاڄَنَ صَفائِي،
مَنْ لاّٰ (شيخ لَهُ فَ(شيخهُ الشَّيْطَانُ، اِنَ رِءَ اُندَاھِي،
ھُوءَ جَا ھَلِي ھيڪَلِي، گيَرَ گنوَائِي،
بِلاَ (شيخ مَنْ يَّمْشِي فِيْ الطَّرِيْقِ كَمَنْ يَّمْشِيْ فِيْ الْبَحْرِ، بِلاَ سَفِينَــةٍ، اِھَڙِي اَوَائِي،
تِنهن رِيءَ تَوَائِي، ڪوڙِيين ٿِيَنِ ڪيتَرِيُون.
(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٻئو‘، سُر ديسي، داستان يارهون، بيت 7، ص: 197)
ھن قول جو ترجمو آھي: ”جيڪو بنان (شيخ (رهبر يا مرشد) جي طريق يعني رستي ۾ ھلي ٿو اھو ان وانگر آھي جيڪو پاڻيءَ ۾ ٻيڙيءَ کان سواءِ ھلي ٿو.“
(شيخ، 2001ع، ص: 197)
بِيْ يُبْصِرُ بِيْ يَسْمَعُ
ھي قول ، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
مُونَا طُورُسِينَآءَ، سَندا سَنَاسِيَنِ،
سَجِدَھ گاھَه سَامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوسَينِ او ادنيٰ، ٿَا نَانگا اِيئن نَوَنِ،
اللّٰهُ وَلِيُ الَذِينَ امَنُو يُخرجُهُم مِنَ الظُلُماتِ اِلّي النُورِ، اِھَڙِيءَ پرِ پُرَنِ،
وَخَرَ مُوسيٰ صَعقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُ مَن عَلَيهَا فَانِ وَيَبَقيٰ، بَاقِي ڪِينَ بَچَنِ،
مَازَاغَ البَصَرُ وَمَا طَغيٰ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشَاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِي يُبصِرُ بِي يَسمَعُ، بِي وِصالِ وِهَنِ،
بِيْ يَمْشِيْ بِيْ يَنْطِقُ، ٿَا ايهِيءَ چَالِ چَلَنِ،
سَيَدُ چَئي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 74)
ھن جو ترجمو آھي: ”مون ذريعي ڏسي ٿو ۽ مون ذريعي ٻڌي ٿو.“
(شيخ، 2012ع، ص: 74)
ھي عربي مقولو ’رسَالہ غوثُ الاعظم‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”بي يسمع وبي يبصر.“
(گيسودراز، 2000ع، ص: 72)
بِيْ يَمْشِيْ بِيْ يَنْطِقُ
ھي عربي مقولو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
ُونَا طُورُسِينَآءَ، سَندا سَنَاسِيَنِ،
سَجِدَھ گاھَه سَامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوسَينِ او ادنيٰ، ٿَا نَانگا اِيئن نَوَنِ،
اللّٰهُ وَلِيُ الَذِينَ امَنُو يُخرجُهُم مِنَ الظُلُماتِ اِلّي النُورِ، اِھَڙِيءَ پرِ پُرَنِ،
وَخَرَ مُوسيٰ صَعقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُ مَن عَلَيهَا فَانِ وَيَبَقيٰ، بَاقِي ڪِينَ بَچَنِ،
مَازَاغَ البَصَرُ وَمَا طَغيٰ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشَاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِي يُبصِرُ بِي يَسمَعُ، بِي وِصالِ وِهَنِ،
بِيْ يَمْشِيْ بِيْ يَنْطِقُ، ٿَا ايهِيءَ چَالِ چَلَنِ،
سَيَدُ چَئي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 74)
ھن جو ترجمو آھي: ”مون ذريعي ھلي ٿو ۽ ڳالهائي ٿو.“
(شيخ، 2012ع، ص: 74)
ھي عربي مقولو ’رسَالہغوثُ الاعظم‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”بي ينطق وبي يسمع وبي يبصر وبي يمشي.“
(گيسودراز، 2000ع، ص: 72)
تَرْكُ الدُّنْيَا وَاجِبٌ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
بييُون بَرتَنُ نَاھهِ ڪو، کِدا تَان نَہ کَڻَن،
نَہ گُلُو بَندُ نہ گودَڙِي، نہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ،
چَڪَرُ چَمِڙو چيلِھه تي، ٻَھڳُڻَ ڪونہ ٻَڌَن،
تَرْكُ الدُّنْيَا وَاجِبٌ، اِيءَ عَادَتَ عَارِفَنِ،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ، گُرَ کي گڏِئَا ڪَاپَڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 2، ص: 128)
ھن قول جو ترجمو آھي: ”دنيا (جھان جا لڳ لاڳاپا) ڇڏڻ واجب آھي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 128)
سَفَرٌ طَوِيلٌ وَزاَدُهَا قَلِيْلٌ
ھيءَ عربي چوڻي، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ديسيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:
نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھ مَان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ،
ڪَارَڻِ ھوتَ پُنُھونءَ جي، رَاھَه پُڇَائِجِ رَندُ،
سَفَرٌ طَوِيلٌ وَزاَدُهَا قَلِيْلٌ، پَٽيِين اَڙَانگو پَنڌُ،
ڪيچِيَنِ ڪَارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُنگَرين.
(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٻئو‘، سُر ديسي، داستان تيرهون، بيت 28، ص: 221)
ھن جو ترجمو آھي: ” سفر يعني پنڌ ڊگهو آھي ۽ ان (سفر) جو سامان سڙو يعني کاڌو پيتو (خرچ پکو) ٿورو آھي.“
(شيخ، 2001ع، ص: 221)
صَبَاحَ رَجُلٌ يَخْرُجُ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ڪوهياريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
لَيلَ نَہ جَاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، نَفسُ اَکلُ نَومُ،
صَبَاحَ رَجُلٌ يَخْرُجُ، ويئِي ذَاتِ جَتَاڻِي قَومَ،
لَا اُبَالِي اليَومَ، ھٰذَا ھُوَ فِيهَا يُنکَرُ.
(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٻئو‘، سُر ڪوهياري، داستان پھريون، بيت 1، ص: 227)
ھن جو ترجمو آھي: ”سڀاڻي صبوح جو مرد ھليو ويندو.“
(شيخ، 2001ع، ص: 227)
طَالِبُ الْمَوْلىٰ مُذَكِّرٌ
ھي عربي مقولو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
گهڙو ڀَگو تہ گهورِيو، مَرُ چُورُ ٿِئٖي چُوڙو،
طَالِبُ الْمَوْلىٰ مُذَكِّــرٌ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
ڪوڙِهِيو ڏَمُ ڪُوڙو، مون مِيهارُ مَنَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 17، ص: 221)
ھن مقولي جو ترجمو آھي: ”خدا جو طالب نر آھي.“
(شاھواڻي، 2005ع، ص: 221)
طَلَبُ اللّٰهِ تَعَاليٰ قَبلَ كُلِّ شَيْءٍ فَرِيْضَﺔ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيتن ۾ ڪتب آيل آھي:
طييَئُونَ طَالِبَنِ کي، ڪو جو پَھهُ پِئو،
وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو،
فَرَضُ فَنَا فِي اللهِ جو، اُتُنِ عَينُ ٿِئو،
طَلَبُ اللّٰهِ تَعَاليٰ قَبلَ كُلِّ شَيْءِ فَرِيْضَـﺔ، ڇڏَڻَ تان نَہ جھو،
سُڃاڻِي سِهو، گُرَ کي گڏِئَا ڪَاپَڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 16، ص: 134)
ھن قول جو ترجمو آھي: ”الله جي طلب يعني ڳولا سڀ شيءِ کان اڳ واجب يعني ضروري آھي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 134)
عَجِّلُوْا بِالتَّوْبَـﺔِ قَبْلَ الْمَوْتِ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيتن ۾ ڪتب آيل آھي:
مَؤتَ مُندَ نہ آھي، تائِبَ ٿِيو تَڪڙا،
’عَجِّلُوْا بِالتَّوْبَـﺔِ قَبْلَ الْمَوْتِ‘، ويھ تُون ويرَمَ لاھي،
پِريَان ڪَارَڻِ پَاڻَ کي، سِگهو ويھ سَنبَاھي،
نِبَا گهوٽ گھرنِ ڏي، وَڏِيءَ ويرَ وَنَاھي،
اُتي عَبداللطيــؒـــف چَئي، نِبَا ڪَفَنَ پَراھي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان ٽيون، وائي ٻي، ص: 719)
ھن جو ترجمو آھي: ”مرڻ کان اڳ، توبہه ڪرڻ جي تڪڙ ڪريو.“
(شاھواڻي، 2005ع، ص: 719)
فَاِنَّ النَّوْمَ عَلىَ الْمُحِبِّ حَرَامٌ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
سِينَئُون سَھجَا سيڄَ تي، سَامِي ڪِينَ سُمَهَنِ،
نيڻنِ نِنڊَ نہ نَانگنِ کي، خُوشِيءَ خَوابُ نہ ڪَنِ،
جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾، آھي وِردُ ويراڳِيَنِ،
فَاِنَّ النَّوْمَ عَلىَ الْمُحِبِّ حَرَامٌ، ڪَلامُ ڪِئَائون ڪَنِ،
اِھَڙَنِ اُھڃَاڻَنِ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 12، ص: 132)
ھن قول جو ترجمو آھي: ”پوءِ بيشڪ ننڊ محبت ڪندڙ يعني عاشق تي حرام آھي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 132)
ھي عربي مقولو زين الدين ابوالقاسم القشيري جي ڪتاب ’الرسالة القشيريه‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”كُلّ نومٍ عَلَی الْمُحِبِّ حَرَامٌ“
(القشيري، 1428ھ، ص: 424)
قَيْدُ المَاءِ اَشَدُّ مِنْ قَيْدِ الحَدِيْدِ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
سَتينءَ راتِ صَحِي، سَارِئُمِ سَانبِيَڙَنِ کي،
تَازِي تَاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ مَوڪَ مَهِي،
ڪِيَمِ رِهَاڻِيُون رَيلَ ۾، ٻيرِيُنِ ھيٺ ٻَھِي،
قَيْدُ المَاءِ اَشَدُّ مِنْ قَيْدِ الحَدِيْدِ، اِھَا رَمزَ رَهِي،
وَڃي لَوھ لَهِي، تَھ مِلان مَارُوئَڙنِ کي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان سورهون، بيت 8، ص: 485)
ھن جو ترجمو آھي: ”(داڻي) پاڻيءَ جو قيد لوھ جي قيد کان زيادہ سخت يعني ڏکيو آھي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 485)
كُلُّ شَيْءٍ يَرْجِعُ اِليٰ اَصْلِه
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
ھي ھَنڌَ مَاڙِيُون ھَاڻِ، سَاّڙِيَان سَڀِ ڏيهِيُن ري،
كُلُّ شَيْءٍ يَرْجِعُ اِليٰ اَصْلِه، ٿي جھڄَان جهانگِيَنِ ڪَاڻ،
ڀِرِي پَنهنجي ڀَاڻِ، پَسَان مُلڪُ مَلِيرَ جو.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان ٻيو، بيت 14، ص: 388)
ھن جو ترجمو آھي: ”سڀڪا شيءِ پنھنجي اصل ڏي موٽندي آھي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 388)
لَا تَتَحَرَّكُ ذَرَّةٌ اِلاّٰ بِاِذْنِ اللّٰهِ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
نُونَئُون نَانِيءَ ھَلِئَا، سَامِي سَڀيئِي،
اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جي وِهَڪَ تَنِ ويئِي،
سَنَاسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ اَرتوئِي،
لَا تَتَحَرَّكُ ذَرَّةٌ اِلاّٰ بِاِذْنِ اللّٰهِ، وِسرِيَنِ ٻِي وائِي،
راوَلَ رِيجھائِي، گُرَ کي گڏِئَا ڪَاپَڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 25، ص: 1379
ھن جو ترجمو آھي: ”ڪوبہ ذرو (ننڍي شيءِ) الله جي اِذن يعني اجازت کان سواءِ نٿو چري.“
(شيخ، 2012ع، ص: 137)
لَا مَقْصُوْدَ فِي الدَّارَيْنِ اِلاَّ ھُوَ
ھي عربي فقرو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
ثييَئُون ثَابِتُ سَندرو، جوڳِينِ کي جَڙِئو،
تَنِ حرفُ سُڃَاڻِي ھيڪڙو، مَنجھان پِرتِ پَڙهِئِو،
لاھُوتِيَنِ لـــؒــطيف چِئي، اندَرِ الِفُ اڙِئو،
لَا مَقْصُوْدَ فِي الدَّارَيْنِ اِلاَّ ھُوَ، گهٽَ ۾ گهاٽُ گهڙِئو،
جَنِ کي مَنَ ۾ مُحِبُ مِڙِئو، سي گُرَ کي گڏِئَا ڪَاپَڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 4، ص: 129)
ھن فقري جو ترجمو آھي: ”ٻنہي دنيائن ۾ ان (خدا) کان سواءِ ٻيو ڪو مقصود يعني مدعا يا مطلب ڪونهي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 129)
لَاحَوْلَ وَلاَ قُوَّةَ اِلاَّ بِاللّٰهِ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھهُ ڏِينسِ،
آڌِيءَ استِغفَارَ جو، کَرڙو خَاص ھَڻِينسِ،
تَوبَہ تَلُ، ٿَاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ تَنگُ ڪَڍِينسِ،
اِنَ اللّٰهَ مَعَ الصَابِرِين، اِيءَ واتِ ڪَريَاڙِي ڏِينسِ،
لَاحَوْلَ وَلاَ قُوَّةَ اِلاَّ بِاللّٰهِ، اِيءُ چَاٻُڪُ چَکائِينسِ،
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، ٽوري ٽَھلائِينسِ،
انهين حَالِ ھَلائِينس، تَھ سُوڌو وَڃي سَيدُ چَئي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر آسا، داستان ستون، بيت 8، ص: 355)
ھن جو ترجمو آھي: ”الله کان سواءِ ٻي ڪابہ طاقت يا سگهہ نہ آھي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 355)
ھي عربي مقولو ’رسَالہ غوثُ الاعظم‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”لاحول ولا قوة الا باللّٰه“
(گيسودراز، 2000ع، ص: 67)
لاَيَعْرِفُھُمْ غَيْرِيْ
ھي عربي فقرو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين وائيءَ ۾ ڪتب آيل آھي:
”لاَيَعْرِفُھُمْ غَيْرِيْ“، پَرَ کي ڪِين پَسائي،
هُو جي جهونا پَسِجَنِ جهوپِڙا.
پَنھنجِي ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙھ اُنِين جي رائي،
هُو جي جهونا پَسِجَنِ جهوپِڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان چوٿون، وائي، ص: 730)
جنھن جو ترجمو آھي: ”مون کان سواءِ ٻيو انهن (اوليائن) کي ڪونہ ٿو سڃاڻي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 361)
ھي عربي فقرو مولانا رومي جي ڪتاب ’مثنویٔ مولویٔ معنوی‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”لايَعْرِفُھُمْ غَيْرِيْ“
(رومي، 1976ع، ص: 351)
لايَفُوْتُ وَلا يَمُوْتُ
ھي عربي مقولو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:
ھييَئُون حَرفُ حِسَابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيتَ ۾، ھَلَنِ پيرَ ڀَري،
ڳُجهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪنھن سين ڪينَ ڪَري،
لايَفُوْتُ وَلا يَمُوْتُ، سَامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجھ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 27، ص: 138)
ھن جو ترجمو آھي: ”نہ فوت ٿئي ٿو ۽ نہ مري ٿو.“
(شيخ، 2012ع، ص: 138)
مَنْ طَلَبَ شَيْئاً وَجَدَّوَجَدَ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ديسيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ استعمال ٿيل آھي:
جَڏِهِين ”ڪُنْ فَيَڪُوْنُ“، نِئو آرِيَاڻِيءَ اَروَاحُ،
اَنگُ اَڳَھِين لِکئِو، منھنجو مِيثاَقَا،
مَنْ طَلَبَ شَيْئاً وَجَدَّوَجَدَ، اُتو عَلِؑيءَ شَاھَه،
اَڃَا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُونکي آسَرو آھِه،
پُنُهُونءَ جي پَيغَامَ تَان، منھنجو موتُ مُبَاحُ،
سَرتِيُون! دُعَا ڪِجَا، مَنَ ميڙاَئو مُون ٿِئي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٻئو‘، سر ديسي، داستان يارهون، بيت 1، ص: 195)
ھن قول جو ترجمو آھي: ”جو ڪنھن شيءِ جي خواھش ڪري ٿو ۽ ان جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اھا ضرور حاصل ڪندو يا لهندو.“
(شيخ، 2001ع، ص: 195)
ھي عربي مقولو سيد عبدالڪريم بلڙي واري جي ملفوظات ’بيَان العَارفين و تنبيه الغافلين‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”مَنْ طَلَبَ شَيْئاً وَجَدَّوَجَدَ“
(محمد رضا، 2002ع، ص: 204)
مَنْ عَرَفَ اللّٰهَ كَلَّ لِسَانُهُ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
عَاشِقَ شَھرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ،
مَنْ عَرَفَ اللّٰهَ كَلَّ لِسَانُهُ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان ستون، بيت 10، ص: 84)
ھن قول جو ترجمو آھي: ”جنھن الله کي سڃاتو تنھن جي زبان ڪُند يعني گونگي ٿي وئي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 84)
ھي عربي مقولو عبدالمٰلڪ بن محمد ابراھيم النيشابوري الخرڪوشي جي ڪتاب ’تہذيب السرار‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”مَنْ عرفَ اللّٰه سبحانَہ كلَّ لِسَانُهُ.“
(الخرڪوشي، 1999ع، ص: 47)
مٙن لا شیخ لہ فشیخہ الشیطٰن
ھي عربي جو قول آھي، جيڪو شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ديسيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ استعمال ٿيل آھي:
سَبَہَ سِياھي، آھي آرِيءَ ڄامَ ري،
ڪَڏِهن پَسي ڪانَہ ڪا، رِيءَ لالَنَ لالائِي،
دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ڪَرِ، ساڄَنَ صَفائِي،
مٙن لا شیخ لہ فشیخہ الشیطٰن، اِنَ رِيءَ اُونداھِي
ھُوءَ جا ھَلِي ھيڪَلِي، سا گِيرَبَ گَمائِي،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 381)
ھن عربي قول جو ترجمو آھي: ”جنھن جو ڪو مرشد نہ آھي، تنھن جو مرشد شيطان آھي.“
(شاھواڻي، 2005ع، ص: 381)
مَن لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الکُلُّ
ھي عربي مقولو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
وَهَندَنِ کي وَيڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ،
مَن لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الکُلُّ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان ستون، بيت 9، ص: 84)
ھن جو ترجمو آھي: ”جنھن کي مولا يعني خدا آھي، ان کي سڀ ڪجهہ آھي.“
(شيخ، 2012ع، ص: 84)
ھُنَاکَ جِسْمِيْ وَالْفُوَادُ لَدَيْکُمْ
ھي عربي قول، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:
’قَيْدُ الْماَءِ‘ ٿِيومِ، ھِتِ اَڙانگي گهارِيان،
’هُنَاکَ جِسْمِيْ وَالْفُوَادُ لَدَيْکُمْ‘، ھِينئون ھُتِ سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان پھريون، بيت 10، ص: 560)
ھن جو ترجمو آھي: ”منھنجو بدن ھت آھي ۽ دل اوهان وٽ آھي.“
(شاھواڻي، 2005ع، ص: 560)
وَاللهُ بِكُلِّ شَيْءٍ مُّحِيْطٌ
ھي عربي فقرو قرآن پاڪ جي ھيٺ ڄاڻايل آيت سان ملندڙ آھي، جنھن جو مفھوم پڻ ساڳيو آھي. ھي فقرو شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:
وَؤڙِيَمِ سَڀِ وٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،
”وَاللهُ بِكُلِّ شَيْءٍ مُّحِيْطٌ“ اِيءُ آرِياڻِيَ اُھاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنہون پاڻُ، ڪِينہٖي ٻِيو ٻَروچَ ريٖ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 14، ص: 306)
ھن عربي مقولي جي مشابھ ھيءَ آيت جو حصو آھي؛ ااَلَآ اِنَّہٗ بِكُلِّ شَيْءٍ مُّحِيْطٌ، جيڪو قرآن شريف جي پنجويھين سيپاري ’اِلَيْهِ يُرَدُّ‘ ۾ ايڪيتالھين مڪي سورت ’حٰـمٓ السَّجْدَةِ‘ جي آيت نمبر 54 جو حصو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”ٻُڌو اھو ھر شيءِ کي گهيري ۾ رکندڙ آھي.“
(سڪندري، ترجمو، ص: 581)